خانواڻي روچيرام تيرٿداس

خانواڻي، روچيرام تيرٿداس: روچيرام تيرٿداس خانواڻيءَ جو جنم، 1 آڪٽوبر 1929ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ ٿيو. سندس ڀائر اڄ به ڪوٽڙي، سنڌ ۾ آباد آهن ۽ پاڻ الهاس نگر، هندستان ۾ رهندو آهي، وٽس هزارين سنڌي ڪتاب، سوين ڪلاڪارن، اديبن ۽ ليکڪن جا فوٽو تفصيل سوڌو ۽ صوبي وار فائيلن ۾ رکيل ۽ ڀتين تي لڳل آهن. هن جو دستور آهي ته هو ليکڪن کي سندن جنم ڏينهن تي کين واڌاين جا ڪارڊ موڪليندو آهي. سدائين سنڌي ويس ۾ ملبوس روچيرام هر سال سنڌي مضمون ۾ مئٽرڪ کان ڪاليج تائين پهرئين نمبر آيل شاگردن کي سندن گهر وڃي پنهنجي وت آهر روڪ رقم، سرٽيفڪيٽ، جهولي لعل جي مُورتي ۽ سٺي پين سوکڙي طور ڏئي ايندو آهي. روچيرام، اهڙن شاگردن جي استادن کي به نه وساريندو آهي. سٺو ادب دوست آهي. سنڌي ادب ۽ اديبن لاءِ وڏو چاهه اٿس. موسيقيءَ جو سٺو ذوق رکي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.10.01  عيسوي

روچيرام تيرٿداس خانواڻيءَ جو جنم، 1 آڪٽوبر 1929ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اميران بيگم
شبانه اعظمي
ٽهلراماڻي آنند
زرينه حسين ناريجو
سراج الدوله نواب
رهندو مل هسيجا
تيجواڻي ڪمار
حسن وساڻ
رڪ عبدالله
بشير احمد انصاري ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون